اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ووٽ هڪ م??دس امانت ۽ قومي فرض آهي جنهن ذريعي عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي رُخ جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي، عوام پنهنجي حق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا. اهڙو اظهار هن قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته هڪ مض??وط ۽ فعا?? جمهوريت لاءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن چيو ته ووٽ نه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي برابر آهي. هن ملڪ ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ووٽ جي اهمي?? کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شرڪت سان نه صرف جمهوريت مض??وط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهون به کُلن ٿيون. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي اهمي?? کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مض??وط بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو آئيني حق ۽ جمهوري?? کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري?? کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ آئين جي بالادستي عوامي حقن جي تحفظ جي ضمانت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي حق جي اهمي?? کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.
جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : números dupla sena