رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ سعودي عرب منشيات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب پا??ست??ن ک?? منشيات جو سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آ?? ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي دؤري دوران وفاقي وزير سعودي عرب جي اي??ٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اي??ٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل اي??ٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اي??ٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو وزير سعودي عرب جي اي??ٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي کي پا??ست??ن جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته منشيات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آهي. پا??ست??ن سعودي عرب سان اي??ٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سعودي اي??ٽي نارڪوٽڪس پا??ست??ن جي اداري اي اي?? اي?? سان رابطي ۾ آهي. اي?? اي?? سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پا??ست??ن مان 2 منشيات جا ملزم پڪڙيا ويا.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جو سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II