اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم ??ي ڪ??آرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پوليو وائرس جي موجوده صورتحال سڄي ملڪ جي ٻارن ل??ءِ سنگين خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ه??ءِ رسڪ يونين ڪائونسل گوجرو دؤري دوران ڪيو. دؤري دوران هن پوليو مهم جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته 16 کان 22 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ جي 143 مخصوص ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم جاري رهندي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ ۾ ڪامياب?? اجتماعي ڪ??ششن ذريعي ئي ممڪن آهي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ