اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي رومانيا، صوماليا، نيپال، جاپان ۽ بنگلاديش جي سفيرن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر کي رومانيا جي نامزد سفير ڊان اسٽوئنسڪو، وفاقي جمهوريه صوماليا جي نامزد سفير شيخ نور محمد حسن، نيپال جي نامزد سفير ريتا ڌتل، جاپان جو نامزد سفير اڪامتشو شيوچي ۽ بنگلاديش جي نامزد هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر سفيرن جو استقبال ڪندي کي?? سندن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪ??تا?? سان واپار، معيشت ۽ ثقاف?? جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪندا. ان کان اڳ سفيرن جي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪ??تا?? جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات