اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم مح??د علي جناح پا??ستان ۽ مائوزي تنگ جديد چين جو بنياد رکيو، پا??ستان ۽ چين جا تاريخي لا??اپ?? گڏيل احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن، پا??ستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري چيني آرٽسٽ ۽ مجسمه ساز ماسٽر يوآن شيڪم سان ملاقات ۽ 25 ڊسمبر تي قائداعظم ۽ 26 ڊسمبر تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ان جي اسڪيچرز (مجسمن) جي نقاب ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين م??ئوزي تنگ جي ڀائيٽي مادام مائوشيائو چنگ پڻ موجود هئي. ماسٽر يوآن جي ٺاهيل قائداعظم مح??د علي جناح ۽ چيئرمين م??ئوزي تنگ جي مجسمن جي حوالي سان خصوصي تقريب جو انعقاد 25 ڊسمبر تي قائداعظم ۽ 26 ڊسمبر تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو ويو. وزيراعظم پا??ستان اچڻ تي ماسٽر يوآن کي ڀليڪار چيو. هن قائداعظم ۽ چيئرمين م??ئو جا شاندار اسڪيچرز ٺاهڻ تي ماسٽر يوآن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي تاريخي آهي، ٻنهي اڳواڻن جا مجسما ماسٽر يوآن جي مهارت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته قائداعظم مح??د علي جناح ننڍي کنڊ پا?? ۽ هند جي مسلمانن جي قيادت ڪندي نئين اسلامي مُلڪ پا??ستان جو بنياد رکيو، جديد چين جو بنياد رکڻ ۾ چيئرمين م??ئو جو اهم ڪردار هو، چيئرمين م??ئوزي تنگ جي عزت ۽ احترام هر پا??ستاني جي دل ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو بنياد گڏيل عزت ۽ احترام ۽ ڀروسي تي ٻڌل آهي، چين ۽ پا??ستان ٻئي قديم ورثن جا امين آهن، هلندڙ سال جون ۾ پنهنجي چين جي دوري دوران شيان ۾ ٽيراڪوٽا واريئرز ميوزيم وڃڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو انتهائي متاثر ڪندڙ تاريخي ورثو رکي ٿو. هن چيو ته پا??ستان واديءَ سنڌ جي قديم ترين تاريخ جو مسڪن آهي. موهن جو دڙو ۽ هڙپه ۾ هزارين سال پراڻي انساني تاريخ آهي، هلندڙ سال چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي پا??ستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا مثالي لا??اپ?? وڌيڪ مستحڪم ٿيا، پا??ستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين – پا??ستان اقتصادي لنگهه منصوبي کان وٺي دفاع ۽ دفاعي پيداوار ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، پا??ستان م??ن زراعت جي شعبي جي گريجوئيٽ جي پهرين بيچ چيني زرعي يونيورسٽين ۾ تربيت ۽ تحقيق جي لاءِ جلد چين رواني ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پا??ستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، چين ۾ مقرر پا??ستاني سفير خليل هاشمي ۽ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۽ مائوزي تنگ جديد چين جو بنياد رکيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná