راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪم??نر جين ميري?? بچاءَ، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. دفاع واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اه?? ناتا عالمي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مقصدن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم فورمن ذريعي مسلسل دفاعي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته ان سان دفاعي شعبي ۾ ٺوس اڳ??را??ي ٿيندي. برطانوي هاءِ ڪم??نر پاڪ – برطانيه ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
برطانوي هاءِ ڪمشنر جي دفاع واري وفاقي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje